Articles‎ > ‎

Social Conditions during Talpur Period

ٽالپرن جي دور جي سماجي صورتحال


مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائي جي ڪتاب جنت ا لسنڌتان ورتل

ٽالپرن جڏھن سنڌ فتح ڪئي ھئي، ان وقت مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ ڪري سنڌ جا شھر ۽ وسندڙ ڳوٺ بلڪل ويران ٿي ويا ھئا. مورخ الفنسٽن، مدد خان جي ڪاھ کي قيامت صغريٰ لکي ٿو. ھر ڪا فاتح قوم پنھنجن ناانصافين کي ۽ ڪيلن گناھن کي تي پردي وجھڻ لاءِ مغلوب قوم تي نازيبا الزام مڙھي، ان کي بدنام ڪري ۽ پنھنجن ڪافر ماجرائن کي حق بجانب ڏيکارڻ لاءِ ڪوشش وٺندي آھي. مغربي قومن مان خاص ڪري انگريز خاص ڪري اھڙي فن ۾ ڪامل عيار آھن. سندن قوم جي مورخن ٽالپر حاڪمن جي راڄ کي مفت ۾ بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. ان ۾ شڪ ڪونھي انگريزي راڄ ۾ ميونسپالٽين، آگبوٽن، تار برقي، ريلوائين، ھوائي جھازن جون نعمتون ھندستانين کي نضيب ٿيون، مگر جنھن زماني جو بيان اسان ھت لکي رھيا آھيون، انھن ڏينھن ۾ ھندستان جا باشندا مٿين ترقئ جي نعمتن کي فرنگي جي دائمي غلامي ھيٺ رھڻ لاءِ فولادي ذنجيرون تصور ڪندا ھئا. ھندستان جو آبادگار توڙي دولتمند طبقوانگريزي راڄ کان نالان ۽ پريشان ھو. ھو گزريل سادگي ۽ آسودگي جي دور کي ياد ڪري رت رئندا ھئا. اھو ئي سبب ھو، جو جڏھن سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 14 ورھيه مس گذريا ھئا تھ سڄي ھندستان اندر انگريزن خلاف بلوو پئجي ويو. جيڪڏھن سک ۽ گورکا مٿئين بلوي ۾ انگريزن جي مدد نه ڏين ھا، ته 1947 کان گھڻو اڳ انگريزن جا ھندستان مان ٽپڙ گول ٿي وڃن ھا[1]. ٽالپرن جي صاحبي جي زماني ۾ صوبو مغربي تھذيب کان ايترو متاثر ڪونه ھو، جيترو ھندستان. ھن صوبي جي پيداوار ھتي جي رھاڪن جي گھرج کان گھڻو وڌيڪ ھئي بلڪ ڪڇ ۽ مارواڙ توڙي بلوچستان جي ڏڪر جي ستايلن جي ھي صوبو پرورش ڪندو ھو. اڄ به ھي صوبو پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آھي


ميرن جي صلح پسند پاليسيءَ ڪري ھي صوبو بيروني ڪاھن کان محفوظ ھو، ۽ سنڌ اندر امن امان ھو. ٽالپر فرمانروا پاڻ جنگجو بلوچ ھئا، مگر رعايا جي فلاح ۽ بھبودي ڪاڻ کين جنگين کان نفرت ھئي. مير صاحبن جي زندگي بلڪل سادي ھئي، فقط سير ۽ شڪار سان دل وندرائيندا ھئا. ٽالپرن جملي سٺ ورھيھ حڪومت ڪئي. انھن سٺ سالن اندر انھن جيڪي سنڌ اندر شھر ءِ ٽنڊا تعمير ڪرايا، اوترا سنڌ اندر اڳ ڪڏھن ڪونھ تعمير ٿيا ھئا. ميرن جي زماني ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۾ چوپائي مال، ان، گيھھ، ڪڪڙن جي سستائي ھئي. انگريزي ايجنٽن وقت بوقت سنڌ متعلق ڪلڪتي جي سپريم ڪائونسل کي جيڪي رپورٽون پيشڪيون، تن ۾ سنڌ جي شھرن ۾ سستائي جو ذڪر ڏنل آھي. سٺي ۽ سستي غذا ملڻ ڪري، سنڌ جا باشندا تندرست ھئا.


سنه 1874 ۾، شھزادي مير شاهنواز جي وفات کان پوءِ،مير علي مراد خان جو ٻيو پٽ مير فيض محمد خان، خيرپور جي گاديءَ تي ويٺو، ۽ مارڄ 1909ع ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ وفات ڪيائين. کائنس پوءِ، سندس پٽ مير امام بخش خان گاڌيءَ تي ويٺو. سندس ڏينھن ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو خيرپور ۾ اجلاس ٿيو، ۽ رياست ۾ ٻيا سڌارا ٿيا. سنه 1921ع ۾ مير امام بخش خان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ مير علي نواز خان گاديءَ تي ويٺو، ۽ دھلي جي چيمبر آف پرنسس جو ميمبر ٿيو؛ سنه 1936 ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ مير فيض محمد خان ثاني گاڌي تي ويٺو. سندس ڏينھن ۾ 15 آگسٽ 1947غ تي، تقسيم ھند کان پوءِ رياست خيرپور پاڪستان ۾ شامل ٿي وئي.


W.H. Sleeman SIR: Rambles & Recollections of An Indian Official, Vol II, CHP. X, pp. 127-129, London.


Comments